جارج بوٿ تروٽ ڪرنل

جارج بوٿ تروٽ ڪرنل: جارج بوٿ تروٽ برطانيا جو رهاڪو هو ۽ سنڌ ۾ انگريزن جو ڪرنل ٿي رهيو. هُو 1830ع ۾ پيدا ٿيو. 1847ع ۾ 17 سالن جي عمر ۾ برطانيا جو سپاهي ٿي هندستان آيو. هن تمام جلدي ترقي ڪئي ۽ 1857ع جي جنگِ آزاديءَ دوران هو انگريز سرڪار جو سنڌ مٿان پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ (Political Superentendent) هو. 1843ع ۾ جڏهن ميرن کان سنڌ فتح ڪئي وئي ته انگريز سرڪار پنهنجا عملدار ڌار ڌار هنڌن تي مقرر ڪيا. پارڪر تي پهريون ايجنٽ ڪئپٽن اسٽئلي ريڪس آيو ۽ ٻيو ايجنٽ تروٽ آيو. جنهن انتظامي حوالي سان 1856ع ۾ پارڪر کي حيدرآباد ضلعي سان ملائي ڇڏيو ۽ آفيم تي ٽئڪس ۽ ٻنين تي ڍل لاڳو ڪئي. جنهن کي پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين نه مڃيو ۽ باغي ٿي پيا. ٽيڪس جي وصوليءَ لاءِ تروٽ، ڏيئو مل کي مختيارڪار مقرر ڪري ننگرپارڪر موڪليو، پر سوڍا ۽ کوسا پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا. نيٺ انگريزن ۽ سوڍن وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڀوڏيسر جو راڻو ڪرڻجي ۽ سندس ساٿي ڪارونجهر ٽِپي، ڪڇ طرف هليا ويا. هڪ دفعو وري پارڪر جي راڻي ڪرڻجي، سندس ڀاءُ ڀوپت سنگهه، ويراواهه جي راڻي لاڌو سنگهه ۽ ٻين سوڍن، راڻن ۽ ٻين ڪولهين روپلي ڪولهيءَ جي سربراهيءَ ۾15 اپريل 1859ع تي انگريزن خلاف بغاوت شروع ڪئي. جڏهن اها خبر حيدرآباد ۾ ڪرنل تروٽ کي پئي ته هو عمرڪوٽ، اسلام ڪوٽ ۽ تر جي ٻين انگريزن جي وفادار راڻن ۽ ٻين شخصيتن کي ساڻ ڪري ننگرپارڪر ويو. ڀوڏيسر جا ڪجهه ٺڪر به تروٽ سان شامل ٿي ويا ۽ هلي راڻپور وارن جا گهٽ گهيڙ ڏيکاريائون.ڪلجي ۽ لاڌو سنگهه ٻنهي ڀائرن تروٽ جو وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. ان دوران راڻي ڪلجيءَ ڪارونجهر سان قول ڪيا هئا ته ”تو کي رت سان رڱينداسون، مرنداسون، پر تو کي نه ڇڏينداسون.“ ان پسمنظر ۾ چندي داس ڀاٽ هڪ دوهو سرجيو: ”ڪارونجهر رِي ڪور، مريئين ته به ميلهيئن نهين“ (مري وينداسون، ته به ڪارونجهر جي ڪور نه ڇڏينداسون.) جنگ ۾ راڻو ڪلجي زخمي ٿي پيو ۽ ڪارونجهر کي رت جا ڇنڊا هڻي قول پاڙيائين. نيٺ ڪلجي سرزمين جو سٽ بچائيندي شهيد ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ لاڌوسنگهه قيد ٿي ويو.لاڌوسنگهه جو پٽ اڌيسنگهه گجرات ۾ پنهنجي پرڻايل ڀيڻ کي ڏسڻ لاءِ ويل هو. سندس ڀيڻ اِن واقعي جي خبر ٻڌي کيس چوائي موڪليو ته ”لاڌوسنگهه جيل ۾ قيد آهي ۽ ڪلجي مارجي ويو آهي ۽ تون اڃا آفيم کائڻ ۾ پورو آهين“.اهو مهڻو ٻڌي اڌيسنگهه اتان ماڻهو ساڻ ڪري ننگرپارڪر ۾ 15 اپريل 1859ع تي چوڏهينءَ جي سهائي رات جو ڪولهين ۽ راڻن سان گڏجي انگريزن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي انگريز سپاهي مارجي ويا. ڪي وجهه وٺي ڀڳا. تروٽ جان بچائڻ لاءِ پورڻواهه ڳوٺ ۾ لاڌي مينگهواڙ جي گهر ۾ پيل ڇوڙن/ چمڙي هيٺيان وڃي لڪو. هوڏانهن اڌيسنگهه جيل مان راڻي لاڌوسنگهه ۽ سندس ساٿين کي آزاد ڪرايو. ان واقعي تي عوامي دوها ملن ٿا: اُڌيسنگهه آيو اوچتو، ڀورو ڀڄايو، ڪَرَ ڀوري را ڪنپيا، لاڌي لڪايو. (اُڌيسنگهه جي اوچتي حملي تي ڀوري (تروٽ) ڀاڄ کاڌي، سندس هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ لاڌي (موچيءَ) جي گهر وڃي نڪتو، جنهن کيس (چمڙي هيٺان) لڪايو.)اهڙيءَ ريت سوڍن ۽ ڪولهين اڌيسنگهه ۽ روپلي جي اڳواڻيءَ ۾ ننگرپارڪر تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. سوڍا ۽ ڪولهي انهيءَ سوڀ تي بي اونا ٿي، جاٽن کي گهرائي دوها ۽ ڇند ڳارائڻ لڳا، راڻن ۽ ڪولهين جي غفلت ڏسي ڏيسا ڏانهن ڀڄي ويل انگريز فوجين گڏ ٿي ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ طرف راڻاسر تلاءَ ويجهو خيما اچي کوڙيا. هوڏانهن ڪرنل تروٽ حيدرآباد پهچي ڪرنل ايونس کان فوج تيار ڪرائي، واپس ڀوڏيسر تي اچي حملو ڪيو ۽ ننگرپارڪر شهر کي گهيرو ڪري توبن جا ٺڪاءَ ڪيائين. چؤطرف حملا شروع ٿي ويا. حملن ۾ ڪلجي سوڍو مارجي ويو. لاڌوسنگهه قيد ٿيو ۽ راڻپور جو راڻي ڪرڻ جي ٻارن ٻچن سميت روپلي ڪولهيءَ سان گڏ ڪارونجهر جبل ۾ وڃي پناهه ورتي، تروٽ توبن سان راڻي چندن جو ٺهرايل ’چندن گڍ‘ (قلعو) اُڏائي ڇڏيو ۽ پارڪر تي قبضو ڪري ورتو.راڻي ڪرڻجي ۽ روپلي ڪولهيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ تروٽ رشوتون ۽ لالچون ڏئي ڪاسبي جي سيٺ مهاوجي (واڻيي)، ساڙدري مندر جي رکوالي ٻائي هنس پُريءَ لاڌو مينگهواڙ کي راضي ڪري ورتو، جن روپلي ڪولهيءَ جو ڏس ڏنو ۽ انگريز فوج ڪارونجهر ۾ هڪ کوهه مان پاڻي ڀريندي کيس گرفتار ڪري ورتو.تروٽ، روپلي کي ڪيتريون لالچون آڇيون ته راڻي ڪرڻجيءَ جو ڏس پتو ٻڌائي ته ڪٿي لڪل آهي. پر هن نابري واري، جنهن تي تروٽ، روپلي جي هٿن جي ترين تي ڪپهه رکي ڏيئا ٻارايا، پر هن آڻ نه مڃي، هن آزاديءَ جي پرواني پنهنجي اَٽل جذبي ۽ بهادريءَ کي قائم رکيو. آخرڪار تروٽ، پنهنجن خاص مددگارن سان 21 جون 1859ع جي شام جو ننگرپارڪر شهر کان اوڀر-ڏکڻ طرف سوئي گام ڏانهن ويندڙ رستي ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ اتر طرف هڪ جهڪيل ٽار ۾، روپلي کي ڦاسي ڏني. روپلي جي شهادت کانپوءِ راڻي ڪرڻجي تروٽ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا.ننگرپارڪر شهر جي ڏکڻ ۾ ڪارونجهر جي ٽڪريءَ تي سندس نالي پويان هڪ يادگار موجود آهي، جنهن کي ’تروٽ جو ٿلهو‘ سڏيندا آهن.تروٽ 1873ع ڌاري سنڌ ڇڏي واپس لنڊن روانو ٿيو ۽ 1875ع ۾ وفات ڪري ويو. نوٽ: حيدرآباد شهر ۾ موجود آفندي ٽائون، اصل ۾ تروٽ جي باغ جي نالي سان مشهور هو، جيڪو هن حسن علي آفنديءَ کي ٽڪرو ڪري ڏنو هو. اهو آفندي باغ جي نالي سان گهڻو وقت قائم رهيو، اتي اڄ ڪلهه آفندي ٽائون آهي، جتي سنڌ جي عظيم سپوت حسن علي آفنديءَ جي آخري آرامگاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1830.00.00  عيسوي

جارج بوٿ تروٽ ڪرنل 1830ع ۾ پيدا ٿيو .


1875.00.00  عيسوي

جارج بوٿ تروٽ ڪرنل 1875ع ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرڌان روپچند ڊاڪٽر
رضوي سيد امداد علي شاهه
خواجه غلام محمد نقشبندي
حبيب الله صديقي ڊاڪٽر
عطاءُ الله جان سرهندي پير
ڪريم بخش چنا
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
جوڻيجو ميان فقير محمد خان
خليفو غلام قادر
دودو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون